قمرالدين چانڊيو (رانديگر)

قمرالدين چانڊيو (رانديگر)

قمرالدين چانڊيو

قمرالدين چانڊيو (رانديگر): والي بال جو مشهور رانديگر قمرالدين ولد خان چانڊيو'>احمد خان چانڊيو، 7 نومبر 1936ع تي ڳوٺ گٽهڙ تعلقي قنبر ۾ ڄائو. 1947ع ڌاري پرمانند هرداس هاءِ اسڪول دادوءَ ۾ پڙهڻ دوران والي بال راند ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيائين. 1950ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ ٿيل سنڌ ٽورنامينٽ ۾ پهريون دفعو ٽريننگ ڪاليج لاڙڪاڻي طرفان نيٽ تي کيڏيو. بهترين راند کيڏڻ تي ان وقت جي مشهور والي بال رانديگر استاد ٺارل کيس پاڻ سان کيڏايو. هن کي استاد ٺارل ’ننڍڙي‘ جي نالي سان سڏيندو هو. اڳتي هلي ان نالي سان مشهور ٿيو. هيءُ تعليم کاتي ۾ ملازم هو. ارڙهين گريڊ ۾ رٽائر ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.11.07  عيسوي

والي بال جو مشهور رانديگر قمرالدين ولد احمد خان چانڊيو، 7 نومبر 1936ع تي ڳوٺ گٽهڙ تعلقي قنبر ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جمال فقير خاصخيلي
خان خانان مرزا عبدالرحيم
دادي ليلاوتي هرچنداڻي
علم الدين بلو
نکل آڏواڻي
جتوئي علي مراد
پوراني ميرڪ سيد عبدالوهاب ٺٽوي
ريڊڪلف اوارڊ
ڄام ڪرن
دارا شاهه 1
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون